آءِ ايم ايف جو بي آءِ ايس پي ۾ واڌ ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ تي زور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪوريج ۾ واڌ ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. آءِ ايم ايف مشن ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اختيارين وچ ۾ اڄ ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ بي آءِ ايس پي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب آءِ ايم ايف اختيارين بي آءِ ايس پي جي ڪوريج ۾ واڌ تي زور ڏيندي چيو ته جيترو ممڪن ٿي سگهي ٽرانسفر پروگرامن جي بجيٽ وڌائي وڃي ۽ پروگرام ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو