تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ جهيڙو، اڳواڻ پاڻ بچائي کسڪي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جي 23 هين يوم تاسيس جي جلسي ۾ بدنظمي، ڪارڪنن ۾ جهيڙو، صوبائي صدر حليم عادل خلاف نعريبازي، هڪٻئي تي ڪرسين ۽ مڪن سان حملو، جلسو اڌ ۾ بند، ڪيترائي اڳواڻ تقريرون نه ڪري سگهيا. آچر تي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب ۾ جڏهن صوبائي صدر حليم عادل جي تقرير پوري ٿي ته جهيڙو شروع ٿي ويو. پارٽي قيادت جھيڙي جي ڪوريج ڪندڙ ميڊيا کي اسٽيج تان منٿون ڪندي رهي ته جھيڙي جي ڪوريج نه ڪريو. جڏهن ته پارٽي قيادت جھيڙو ٽارڻ لاءِ وڏي آواز ۾ گيت هلائيندي رهي. پي ٽي آءِ جي قائم مقام صوبائي صدر حليم عادل شيخ خطاب ڪندي ۾ چيو ته عمران خان کي ڀٽو جيان ڪنهن ڊڪٽيٽر نه پر عوام وزيراعظم بڻايوآهي. هن حفيظ شيخ جي مقرري تي اڻ سڌي طرح تحفظات ظاهر ڪندي چيو ته هو اڳ ۾ مشرف ۽ بعد ۾ پيپلزپارٽي جي ڪابينا ۾ شامل هو. هن پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڪراچي هاڻي تحريڪ انصاف جي آهي. هن چيو ته سنڌ کي پيپلز پارٽي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ۽ تحريڪ انصاف اندرون سنڌ ۾ به مضبوط ٿي رهاي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته ڪراچي جو ايندڙ ميئر ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ پي ٽي آءِ جو هوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو