سائنسي انقلاب ۽ مذھب

طفيل مگسي
مذھبي شخص جنهن کي چاهي ڪيترو ئي عالم ڇونه تسليم ڪيو وڃي.هن جواب ڏيڻ کان لاچار آھي ته هن وٽ ھن ڳاله جو ڪهڙو ثبوت آھي ته جنهن کان اهو اهڙن فردن کي مطمئن ڪري سگهي جن جا عقيدا هن کان مختلف هجن ته هو ته درست رستي تي آھي۽ ٻيا گمراهي واري رستي تي آھن.ٿورو هڪ پل جي لاء ترسي ڪري ايمانداريء سان سوچيو ته ان سوال جواب ۾ اوهان کي سچائيء جو ثبوت صرف انهن شخصيتن.ڪتابن ۽ روايتن کان ڏئي سگهندو جيڪي پاڻ پنهنجي عقيدن جا بنياد ميسر ڪن ٿا.عقيدن جو ڪو اهڙو بنياد ناهي جنهن کان اوهان کاڻ مختلف عقيدن رکڻ واري شخص کي راضي ڪري سگهو ته جيڪڏھن ائين هجي ها ته سڄي دنيا ۾ هڪ ئي مذھب هجي ها.
انهيء ڳاله کي هنن لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو ته هن دنيا ۾َايترن سمورن عقيدن ۽ انهن جي بي حساب فرقن جي موجودگي هن ڳاله جو چٽو دليل.آھي ته انهن منجهان ڪنهن وٽ به پنهنجي سچي هجڻ جو ڪو دليل ناهي.
منهنجي خيال ۾ اسان کي پنهنجو پاڻ کان ۽ مذھبي اڳواڻن کان هيء سوال ڪرڻ بلڪل درست ٿيئي ٿو ته اسان وٽ پنهنجن مذھبي عقيدن جي سچائي جو ڪو ثبوت آھي.جيڪو غيرجانبدار هجي ۽ جنهن جي بنداد تي ٻين عقيدن جي فردن کي راضي ڪري سگهجي.عيسائي ڪنهن دليل کي سان مسلمانن کي راضي ڪري سگهن ته مسيح خدا جو پٽ ھو.ان ريت ڇا مسلمانن جي لاء ھندو ۽ چيني کي وحي جي باري ۾ سمجهائڻ ممڪن ٿيندو.جيڪڏھن ڪنهن مذھب وٽ اهڙن دليلن جا ثبوت هجن ها ته اڄ صرف انهيء مذهب جو چرچو هجي ها.
پنهنجي اها ڳاله ڪنهن کي شايد اڻوڻندڙ لڳي ليڪن اها ڳاله ڪا ناهي.بحيثيت سياستدان مون کي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سائنس جي مختلف ليڪچرز ڏيڻ جو موقعو مليو.انهن سمورن ليڪچرز ۾ هڪ ڳاله گڏيل رهي آھي.مون کي پنهنجي هر نظريي جي سپورٽ ۾ اهڙا عملي دليل ڏيڻا ضروري هئا جيڪي ليڪچرز موجوده هر شخص کي راضي ڪري سگهن.قطعي نظر ان شخصيت جي قوميت ۽ مذھب جي ڇاڪاڻ ته اهو سائنس جو بنياد آھي.
هتي مان هن سوال ڏانهن اچان ٿو ته سائنسي سوچ مذھبي سوچ کي ڪهڙي ريت متاثر ڪيو؟
سورهين ۽ سترهين صديء ۾ اٿندڙ سائنسي انقلاب ثابت ڪيو ته ڪائنات ۾ ٿيڻ وارن سمورن واقعن جي وضاحت جديد قانونن جي وسيلي ان حقيقت جي سچائي ڪائنات جي باري ۾ اسان جي تصورن کي هڪدم تبديل ڪري ڇڏيو.
اڄ سائنسي انقلاب جي نتيجي ۾ ڪائنات هڪ مشين جيان محدود ٿيڻ لڳي.جنهن ۾ ٿيڻ وارو هر واقعو هڪ ٻيئي سان آھي.
اهو مذھبي سوچ رکڻ وارن جي لاء هڪ تمام.وڏو جهٽڪو هو.سائنسي انقلاب ته اها سوچ پيدا ڪئي ته ڪائنات فطرت جي قانونن جي تحت هلي رهي آھي.جنهن ۾ خدا به دخل نٿو ڏئي سگهي.ان انقلاب خدا جي تصور کي ختم ته نه ڪيو.ليڪن هينر ڪائنات جي افتقا کي سمجهڻ ۾ خدا جي ضرورت نه رهي هئي.هڪ پاسي اهو تصور ڪري سگهبو هو ته ڇوته ڪائنات جي نظام کي سمجهڻ ۾ خدا جي ضرورت ناهي.ان ڪري خدا جي وجود کان انڪار مناسب رستو ناهي.
اهو رستو الحاد ڏانهن وڃي ٿو.ٻيو نقط نظر اهو هيو ته ڇوته ڪا شيء پاڻ کان وجود ۾ نٿي اچي سگهي.ان لاء ڪو ته آھي جنهن هن ڪائنات کي ۽ ھن ڪائنات جي اندر موجود هر شيء کي پيدا ڪيو.اهو رستو خدا جي هيڪڙائپ ڏانهن وڃي ٿو.هينئر اهو فيصلو ته انهن ٻنهيء ۾ ڪهڙو رستو درست آھي.اهو مابعدلاطبعيات جو سوال بڻجي وڃي ٿو .جنهن جو ڪو ٺوس جواب ناهي.
ان صورتحال ۾ يورپ ۾َ مپجپد ڳرسائي تهذيب ۽ ادلامي تهذيب جو ردعمل نهايت ئي مختلف هو.
يورپ.جتان ڱان سائسندانن سائنسي انقلاب برپا ڪيو هو.ان دور ۾ تمام وڏا فلسفي برپا ڪيا.جن فلسفين مذھب ۽ سياست کي الڳ ڪرڻ .جهموتيت ۽ بنيادي انساني حقن جهڙن تصورن کي روشناس ڪرايو.انهن فلسفين ۾ سرفهرست برطانوي فلاسافر جان لاڪ ۽ فرانسيسي فلاسافر روسو هئا.انهن جي خيالن هڪ سيڪيولر معاشري جو بنياد رکيو.جنهن ۾ ھر ڪنهن کي پنهنجي طور ٿي مذھبي آزادي حاصل هئي.
مثال جي طور تي جان لاڪ مذھب جي روسداري جا اصول چٽا ڪيا.جنهن جي مطابق رياست.جج ۽ معاشري جي ڪنهن فرد کي ڪنهن جي مذھبي عقيدن جي سچائي جي ڪائزي وٺڻ جو ڪو حق ناهي.انهن جي مطابق ڪيلڏھن طاقت جي وسيلي هڪ اڪيلو“سچو مذھن“نافذ نه ڪيو وڃي ته ان جو گهربل اثر نه ٿيندو. سگهجي.ڇاڪاڻ ته عقيدي کي تشدد سان نافذ نٿو ڪري سگهجي.جان لاڪ جي مطابق مذھني هڪجهڙائپ ٿي زور ڏيڻ سماجي خرابي جو سبب بڻبو.هڪ دلچسپ ڳاله اها آھي ته جان لاڪ نه صرف نيوٽن جي دور جو هو بلڪ نيوٽن جو گهاٽو دوست پڻ ھو.
انهن سونهري فڪرن کي اپنائڻ سان هڪ پاسي اهي قومون مذھبي جنونيٿ کان آزاد ٿي ويون ۽ ٻيئي پاسي انهن کي انهن مذھبي قدرن کي اپنائڻ جي آزادي ملي وئي.جن جو تعلق ذاتي زندگي سان هو.ان ريت هڪ پاسي ته سوچ جي آزادي ۽ سائنس جي ميدان ۾ ٿرقي جا رستا کلي ويا ۽ ٻيئي پاسي ذستي زندگيء ۾ مذھب سان لاڳاپيل ايموشل سپورٽ به ملڻ جو موقعو ملي ويو.نتيجو اهو آھي ته اهي قومون امن.برابري ۽ انصاف تي مشتمل معاشرو قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيون آھن.۽ انهن معاشرن ۾ مذھب جي مقرري فردن ٿي ڇڏي وئي آھي.
انهن قومن جن هن سائنسي انقلاب ۾ حصو نه ورتو .ان ۾ مسلم سوسائٽي سرفهرست آھي مغربي.سائنسي ترقي کي هڪ شڪست کاڌل قوم جيان قبول ڪيو.هنن مذھبي روايتن کي تن ومن سان برقرار رکيو آھي.جيڪي هزارين سال پراڻيون آھن.ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته جديد سائنس جي اچڻ کانپوء مسلم سوسائٽين ۾َ مذھب ۽ سائنسي سوچ.سان هڪجهڙائپ رکندڙ ڪا نئين سوچ وڌي ويجهي ها.ليڪن ان جي ڀيٽ ۾ مسلمان پنهنجي انا ۾ ڦاسندا هليا ويا.
سائنسي انقلاب جي نتيجي ۾ مسلمان هڪ ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويا.هڪ پاسي ته اهي پنهنجن مذھبي عقيدن ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي يا نرمي جو مظاهرو ڪرڻ جي لاء تيار نه هئا.ليڪن ٻيئي پاسي اهي سائنسي انقلاب سان گڏ اچڻ واري صنعتي انقلاب جي ميوون کان به فائدو وٺڻ نٿي چاهيو.جتي روشن خيالي جو رويو اختيار ڪرڻ جي بجاء نهايت دفاعي ۽ رجعت پسند رويو اختيار ڪيو.
اسلام ۾ فلسفياڻي تحريڪ ٻارهين ۽ تيرهين صديء دم ٽوڙي چڪي هئي.۽ ڪا اهڙي فڪري تحريڪ موجود نه هئي.جيڪا سياسي انقلاب جي خطرن ڱي پنهنجي سوسائٽي ۾َ پوئڻ جي صلاحيت رکندي هئي.ٿيو ائين ته جنهن دور ۾ اوله ۾ سائنسي انقلاب آيو.مسلمان اسلامي تهذيب کي بنياد پرستي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو.هنن سائنسي نظريي کي نظرانداز ڪندي ان سان لاڳاپيل ٽيڪنالوجي کي ته اپنائي ورتو.نتيجو اهو آھي ته مسلم سوسائٽي فڪري پستي ۾ ھئڻ جي باوجود اها دعوي ڪندي ڏيک ڏيئي ٿي ته اڄ جيڪو به علم.موجود آھي.ان جو ته قرآن آھي يا وري اهو ٿه جيڪڏھن اسان خلافت راشده جي حمايت ڪيون ته سپر پاور بڻجي سگهون ٿا.
هڪ ٻيئي مثال جي طور ٿي عرض ڪيو ته ڪنهن ٻئي ڪهڪشان ۾َموجود ڪا مخلوق اسان جي ڪهڪشان کي ڏسي رهي آھي.۽ ڪنهن ريت سج جي چوڌاري سيارن جي چرپر کي ڏسڻ جي قابل آھي.سيارن جي چرپر ۽ انهن جي وچ ۾َ مفاصلي کي ڄاڻڻ کانپوء اهي اهو نتيجو ڪڍندا ته هرشيء فطرت جي قانونن جي مطابق آھي.سمورا سيارا ڪشش ثقل جي قانون جي مطابق چرپر ۾ آھن.اهو سڀ ان تي مشتمل آھي ته سج ۽ سيارا غير جانبدار شيون آھن.
وري فرض ڪيو ته ڪجه ذھين انسان چنڊ جهڙي سياري کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جي قابل آھن.اهو گهٽ ۾ گهٽ اصولي طورٿي ممڪن آھي.اهو ڪم ايٽم ۽ ھائيڊروجن بمن جي هڪ وڏي انگ ۾ ڀريل هڪ وڏو راڪيٽ چنڊ جي سطح تي موڪلي سگهجي ٿو.ان عمل ۾ انساني مداخلت شامل آھي ۽ ان کي فطري واقعو نٿو سمجهي سگهجي.چنڊ جي ڦاٽڻ سان زمين سميت سياري جي چرپر ۾ تبديلي ايندي.ڏور جي مخلپق ان ڳاله کان بي خبر آھي ته آزاد مرضي سان جڪ ذھين مخلوق ڌرتي جي گولي تي رهي ٿي.سيارن جي نظام.جي تبديل ٿيل چرپر کان حيران ٿي ويندا.انهن جي ويجهو سيارن جو نظام نيوٽن جي چرپر جي قانونن جي پيروي ڪندو ڏيک نه ڏيندو.ان منظرنامي ۾َجيڪا اڪيلي شيء شامل ڪئي وئي آھي اها آھي موجوده سائنسي قانونن ۾ انسانن جي آزاداڻي مرضي ۽ آزادي جي قوت .جيڪا غيرجانبدار شين جي چرپر کي ڪنٽرول ڪري ٿي.
هڪ ڀيرو وري هي اهم سوال اٿي ٿو ته انسان هڪ خاص ترتيب ۾ ايٽمن ۽ ماليڪيولز جي مجموعي جو نانء آھي.سوال اهو آھي ته ڇا زندگي ۽ ان سان ڳنڍيل آزاد مرضي انهن ايٽمن ۽ ماليڪيولز جي مجموعي کان ڪا شيء آھي.؟فطرت جي قانونن ۾َآزاد مرضي کي ڪيئن تبديل ڪيو وڃي؟ڇا اسان خدا جي تصور جي بنا ائين ڪري سگهون ٿا؟
هن بحث جي روشني ۾ اهو سوال نهايت ئي فهم جي لائق آھي ته دماغ ۾ ڪنهن خاص ان پٽ جي لاء مختلف فعلن جو بي حساب انگ محفوظ آھي.ان ريت جڏھن اسان ڪنهن صورتحال جو سامهون ڪريون ٿا ته ڪافي ممڪن قدم هوندا آھن.جيڪي کڻي سگهي ٿو.پر عمل جو هڪ خاص امڪان هوندو آھد.جيڪو اليڪٽرانڪ جي ممڪن ورهاست ۾ سهل هوندو آھي.مثال جي طور تي ڪدڪڏھن ڪنهن جي اڳيان ماني رکي وڃي ته هن ڳاله جو تمام گهڻو امڪان آھي ته کائڻ شروع ڪري ڇڏيندو.باوجود ان جي اهو اڪيلو امڪان ناهي.گهٽ امڪان جي باوجود ڪيتريون ئي ٻيون ممڪن ڪاروايون آھن.مثال جي طور تي پڙھڻ جي لاء اٿي پوڻ.کاڌو پري ڪري ڇڏڻ يا کاڌو ڪنهن ٻيئي کي ڏئي ڇڏڻ .انهيء کي آزاد مرضي جي طور تي بيان ڪري سگهجي ٿو. وضاحت خدا جي وجود جي دعوت نٿي ڏئي سگهجي.
اهي سوچون ممڪن ٿي به سگهن ٿيون ۽ نه به.باوجود اهي گهٽ ۾ گهٽ هن ڳاله جي امڪان کي سگه ڏين ٿيون ته آزاد مرضي جي تصور کي جيڪو اڄ تائين صرف ۽ مذھب جي وچ ۾ رهيو آھي.ممڪن طور تي سائنسي طور تي سمجهي سگهجي ٿو.هن ڳاله جو امڪان گهٽ آھي ته منهنجي اها وضاحت درست هجي.لدڪن جيڪڏھن اهو تڏھن به ڪافي سوال اهڙا آھن جن کي سائنسي فريم.ورڪ جي اندر سمجهڻ ۾ ڪافي ڏها ڪا يا صديون لڳي سگهن ٿيون.
هينئر تائين مون فقط بيان ڪيل سوالن جي صرف هڪ جواب تي ڳاله ڪئي آھي.اهم سوال اهو آھي ته موجوده سائنسي قانونن ۾ آزاد مرضي کي ڪيئن شامل ڪري سگهجي ٿو ڇا اسان آزاد مرضي کي ڪشش ثقل يا ڪوانٽم ميڪانڪس جي قانونن ۾َ شامل ڪري سگهون ٿا.؟ڇا اهو ڪڏھن ممڪن ٿيندو ته دماغ جي مڪمل ڪوانٽم مڪينڪل سڃاڻپ کي شامل ڪرڻ کانپوء سمورن فطري مذھبن جي وضاحت ڪئي وڃي.جنهن ۾ هڪ حصي جي طور تي آزاد مرضي شامل هجي؟شايد اسان جي اچڻ وارا نسل ان نهايت بنيادي سوال جو جواب ڏئي سگهن؟؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو