گهوٽڪي: موٽرسائيڪلن جي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت

گهوٽڪي: موٽرسائيڪلن جي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت

گهوٽڪي(ڊ ر)گهوٽڪي ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو,خبرموجب گهوٽڪي ويجهو عادلپور روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڪرم خان ڌاريجي جو رهواسي 65 ورهين جو بهادر علي ڪليري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال گهوٽڪي آندو ويو. جتان طبي امداد کانپوءِ سکر ريفر ڪيو ويو،جتي هو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو،اهڙي واقعي بعد سندس وارثن ۾ قهرام مچي ويو,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو