اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزارت جي سڀني ماتحت ادارن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهرو وزير محسن نقوي سروس ڊليوري کي بهتر بڻائڻ ۽ سٺا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جامع منصوبو طلب ڪيو آهي ۽ ماتحت ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديليون ڪن ۽ 3 ڏينهن اندر ٻيون سفارشون فراهم ڪن. محسن نقوي چيو ته ماتحت ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جو فقدان آهي، جنهن کي فوري بنيادن تي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته هر اداري کي ٻين ادارن جي مدد ڪرڻ لاءِ هڪ ٺوس منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي. گهرو وزير چيو ته ادارن جي صلاحيت صرف هڪ ٻئي جي صلاحيتن کي استعمال ڪندي وڌائي سگهجي ٿي.










