اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي.جلد ٻڌڻي جي درخواست ڊفينس آف هيومن رائيٽس جي چيئرپرسن آمنه جنجوعا داخل ڪئي هئي.آمنه جنجوعه طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته انصاف جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي ڪيس کي ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.










