گل پلازا جو ريسڪيو آپريشن مڪمل، عمارت کي سيل ڪيو آهي

گل پلازا جو ريسڪيو آپريشن مڪمل، عمارت کي سيل ڪيو آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهّاب چيو آهي ته سانحو گل پلازا جو ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ متاثر عمارت کي سيل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تي ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي هئي جڏهن ته واقعي جي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي آهي، جاچ رپورٽ جلد منظرِ عام تي آندي ويندي.ميئر ڪراچي سانحو گل پلازا جي متاثرن سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو هن المناڪ واقعي ۾ متاثر خاندانن جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهن. هن چيو ته هن سانحي مان سبق حاصل ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويندا. هن ٻڌايو ته گل پلازا ۾ باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ 19 لک 15 هزار گيلن پاڻي استعمال ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ صبح صحافين سان گڏ حب ريزروائر جو دورو ڪيو ويو جتي چاليهه سالن کانپوءِ ريزروائر تي موجود 15 ايم جي ڊي ٽينڪن جي صفائي جو ڪم جاري آهي.هنن خيالن جو اظهار هن اڱاري جي ڏينهن ڪار ساز شاهراهه فيصل تي واقع ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي هيڊ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪي ايم سي سٽي ڪائونسل ۾ پارلياماني ليڊر ڪرم الله وقاصي، ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد، جمن دروان، چونڊيل نمائندا ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ميئر ڪراچي چيو ته تازين برساتن کانپوءِ حب ڊيم مڪمل طور ڀرجي چڪو آهي. حب ڊيم تي نئين ڪينال تعمير ڪئي وئي آهي جڏهن ته پراڻي ڪينال جي بهتري لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته حب ڊيم ۾ ايتري گنجائش موجود آهي جو شهر کي 100 ايم جي ڊي جي حساب سان ايندڙ ٽن سالن تائين پاڻي فراهم ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته پراڻي ڪينال جي مڪمل مرمت کانپوءِ 200 ايم جي ڊي پاڻي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن ٻڌايو ته نئين ڪينال جو ڪم اٺن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويو.هن چيو ته وفاقي حڪومت سان 100 ايم جي ڊي پاڻي جي مقدار وڌائڻ بابت ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي وئي، پر جڏهن پاڻي اچڻ شروع ٿيو ته ريزروائر ۾ ڪيپسٽي جي کوٽ هڪ چئلينج بڻجي سامهون آئي. هن وقت ساڍا ست، ساڍا ست ايم جي ڊي جا ٻه ريزروائر موجود آهن، جن ذريعي 15 ايم جي ڊي پاڻي ضلعي اولهه ۽ ڪيماڙي تائين پهچايو ويندو.ميئر ڪراچي چيو ته ايل ايس آر پمپنگ اسٽيشن جي مرمت ۽ بحالي بابت به قدم کنيا ويا آهن، جنهن سان چار کان ساڍا چار ايم جي ڊي اضافي پاڻي جي فراهمي ممڪن بڻجي سگهندي. هن چيو ته ذميواري هميشه قيادت جي هوندي آهي، ماڻهو ايندا ويندا رهندا آهن پر قيادت جوابده رهندي آهي.هن چيو ته انسانيت کان وڌي ڪجهه به ناهي، جيڪي ماڻهو تڪليف ۽ پريشاني ۾ آهن، اسان کي انهن سان گڏ بيهڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي ڪردار سان اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته سياسي قيادت عوامي مسئلن تي سياست نٿي ڪري. هن مثال ڏيندي چيو ته لاهور ۾ راوي درياهه جي ويجهو سوسائٽي تباهه ٿي وئي، پر ان کي سانحو قرار نه ڏنو ويو.ميئر ڪراچي چيو ته هو تنقيد کان هرگز نه ٿو گهٻرائي. ڪورنگي ڪازوي جي پل جي تعمير کان اڳ به مٿس تنقيد ٿيندي رهي، پر هن ڪورنگي ۽ ابراهيم حيدري جي عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪيو. هن چيو ته ڪراچي جي شهرين جو ديرينه مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڇهه ارب رپين جي لاڳت سان پل تعمير ڪيو ويو.هن چيو ته پاڪستان ۾ هر ڪنهن کي ڳالهائڻ جو حق آهي، پر هو قانون مطابق ڳالهائين ٿا ڇاڪاڻ ته هن قانون پڙهيو آهي. هن جو خيال آهي ته جتي پيسو خرچ ٿيو آهي اتي ماڻهو فائدو پڻ حاصل ڪري رهيا آهن. ڪم اهو ٿيڻ گهرجي جنهن جو فائدو ڊگهي عرصي تائين ملي.بلدياتي سڌارن بابت ڳالهائيندي ميئر ڪراچي چيو ته ماضي ۾ قانون شڪني ۽ بدانتظامي سبب ادارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو. پاڪستان جي بلدياتي ادارن ۾ اڳ ۾ سيپ (SAP) سسٽم موجود نه هو، جيڪو پيپلز پارٽي جي قيادت باقاعدي طور متعارف ڪرايو ته جيئن بي ضابطگين جو خاتمو ٿي سگهي.هن چيو ته ٻٽي نوڪري ڪندڙ عنصرن سبب ادارن کي وڏو مالي نقصان ٿيندو رهيو. گذريل سال ڪي ايم سي جي پگهارن جو نظام سيپ سسٽم تي منتقل ڪيو ويو ۽ هاڻي ڪي ايم سي جون سڀ پگهارون سيپ سسٽم ذريعي ادا ڪيون پيون وڃن. جلد واٽر ڪارپوريشن ۾ به سيپ سسٽم لاڳو ڪيو ويندو.ميئر ڪراچي انڪشاف ڪيو ته واٽر ڪارپوريشن جا 73 ملازم ٻيڻي پگهار وٺندي پڪڙيا ويا. اداري ۾ ڪُل 8360 ملازم آهن، جن مان ساڍا پنج هزار کي سيپ سسٽم تي منتقل ڪيو وڃي چڪو آهي. انهن مان ست اهڙا ملازم پڻ هئا جيڪي ڪي ايم سي کان به پگهار وٺي رهيا هئا.هن ٻڌايو ته واٽر ڪارپوريشن جا 8954 پينشنر آهن ۽ هدف اهو آهي ته مارچ جي پگهار سيپ سسٽم تحت ادا ڪئي وڃي. سيپ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو مقصد شفافيت کي يقيني بڻائڻ هو ۽ نظام بهتري ڏانهن وڌي رهيو آهي.ميئر ڪراچي چيو ته 30 جون تائين سڀ ٺيڪا، سڀ ٽينڊر، سڀ چيڪ ۽ پينشن جون ادائيگيون سيپ سسٽم ذريعي ڪيون وينديون ته جيئن چيڪ وارو نظام ختم ٿي سگهي. ايندڙ ٽن کان پنجن سالن ۾ مالي معاملن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.هن چيو ته بلديه عظميٰ ڪراچي 46 ارب رپين جي لاڳت سان شهر ڀر ۾ سڙڪن جي مرمت جو ڪم ڪندي ۽ پنهنجي ماڻهن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو ويندو.ميئر ڪراچي چيو ته نيپ (NAB) وفاقي گهرو وزير نه پر چيئرمين نيپ هلائيندو آهي. هن واضح ڪيو ته نه هن چيئرمين نيپ سان ملاقات ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي سان. هن چيو ته ماضي ۾ ڪي ايم سي ڪيترن سالن تائين ڪو ڪم نه ڪيو، پر نيپ طرفان ڪا به جاچ نه ڪئي وئي.گل پلازا جي ليز بابت وضاحت ڪندي هن چيو ته اها ليز ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي دور ۾ ڏني وئي هئي ۽ 2003ع ۾ عمارت کي ريگولرائز ڪيو ويو. هن چيو ته 8 جولاءِ 1983ع تي ليز ختم ٿي چڪي هئي ۽ ان جا سڀ ڪاغذي ثبوت موجود آهن. هن زور ڏنو ته عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي ۽ وزيراعليٰ سنڌ عمارت بابت سڀ تفصيل سامهون آڻي ڇڏيا آهن. جيڪڏهن ڪو الزام لڳائي ٿو ته هو به ثبوت سان ڳالهه ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو