گاڏين جا مالڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ نمبر پليٽ جا مالڪ قرار

گاڏين جا مالڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ نمبر پليٽ جا مالڪ قرار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گاڏين جي نمبر پليٽن بابت موٽر وهيڪل جو ترميمي ايڪٽ 2024 لاڳو ڪيو ويو آهي. ايڪسائيز ٽيڪسيشن، نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول سنڌ هڪ نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب گاڏي جا مالڪ هاڻ پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ نمبر پليٽ جا مالڪ هوندا.انهي حوالي سان ترجمان ٻڌايو ته گاڏين جي نمبر پليٽن بابت موٽر وهيڪل جو ترميمي ايڪٽ 2024 لاڳو ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي ٻڌل گاڏين جون 2 نيون نمبر سيريز به جاري ڪيون ويون آهن جڏهن ته گاڏين جا مالڪ قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ پراڻي نمبر پليٽ کي خريد ڪيل ٻئي گاڏي تي به لڳائي سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو