ڪچي ۾ آپريشن، ڊاڪٽر۽ ڊسپينسر سهولتڪار بڻيل

ڪچي ۾ آپريشن، ڊاڪٽر۽ ڊسپينسر سهولتڪار بڻيل

گهوٽڪي (ن س)سنڌ ۽ پنجاب پوليس گذريل رات ڪچي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو ۽ هڪ ڊاڪٽر ۽ هڪ ڊسپينسر سميت 5 ماڻهن کي بچايو، ان حوالي سان ڊي پي او محمد عمران چيو ته ڊاڪٽر زخمي ڌاڙيلن جي علاج ۾ مصروف هئا، ۽ ڊاڪٽرن جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته اهي رضاڪارانه طور تي ويا هئا يا اغوا ڪيا ويا هئا.هن چيو ته ڌاڙيلن جي لڪيل هنڌن تان هڪ راڪيٽ لانچر، اينٽي ايئرڪرافٽ گن ۽ آر پي جي هٿ ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف ايس ايس پي انور کيتران چيو ته بازياب ڪرايل ڊاڪٽر ۽ ڊسپينسر اغوا نه ڪيا ويا هئا پر ڌاڙيلن جا سهولتڪار هئا. ڊاڪٽر ۽ ڊسپينسر ڌاڙيلن جو علاج ڪري رهيا هئا، انهن اغوا ٿيڻ جو ڊرامو ڪيو، هن چيو ته آپريشن دوران ڊرون حملي ۾ ڊاڪٽر ۽ ڊسپينسر به زخمي ٿيا آهن، ڊاڪٽر ۽ ڊسپينسر جو تعلق نواز آباد صادق آباد سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو