ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کهيڙو سان گڏ، ڪي-فور منصوبي تحت ڪي بي فيڊر تي جاري پي سي سي لائيننگ جي ڪم جو دورو ڪيو۔ان موقعي تي لاڳاپيل سپرنٽنڊنٽ انجنيئر سانول ڪريم، صوبائي وزير کي ڪي-فور منصوبي تحت ڪي بي فيڊر اپر تي جاري پي سي سي لائيننگ جي ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو ته منصوبو تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ٽنهي سول ورڪس پيڪيجز تي ڪم جاري آهي۔ هن چيو ته هن منصوبي سان واهه ۾ پاڻي جي ضايع ٿيڻ ۾ واضح گهٽتائي ايندي، پاڻي جو وهڪرو بهتر ٿيندو ۽ واهه جي گنجائش ۾ اضافو ٿيندو۔ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته ڪي-فور فيز ون تحت هن منصوبي ذريعي ڪراچي کي روزانو 260 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو۔ هن موجب هي منصوبو درياهه سنڌ جو پاڻي ڪينجھر ڍنڍ تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو۔صوبائي وزير چيو ته ڪي-فور پي سي سي لائيننگ منصوبو سنڌ لاءِ انتهائي اهم منصوبو آهي، جنهن سان ڪراچي کي صاف۽مستقل پاڻي جي فراهمي بهتر ٿيندي ۽ آبپاشي نظام ۾ پڻ نمايان سڌارو ايندو۔










