حيدرآباد: (ن س) ڪوٽڙي ۾ شادي جي هڪ تقريب جي دوران جعلي ڪرنسي نوٽ ڏيڻ جو انوکو واقعو سامهون اچي ويو آهي.رپورٽ موجب ڪوٽڙي ڀرسان واپڊا ڪالوني ۾ شادي جي تقريب ۾ اهو واقعو پيش آيو جتي تحفن جي وصولي جي لاءِ گيٽ تي موجود ماڻهن کي جعلي نوٽ ڏنا ويا.ذريعن موجب تقريب جي اختتام تي جڏهن تحفن ۾ ملندڙ رقم جي ڳڻپ ڪئي وئي ته پنج هزار روپين جي ماليت جا گڏيل طور تي 55 هزار روپين جا 11 نوٽ جعلي نڪتا. انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته پنج هزار روپين جو نوٽ ڏئي انهي جي بدلي ۾ چار هزار روپيه واپس ورتا ويا، جنهن سان منتظمين کي مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو.شروعاتي ڄاڻ موجب شادي جي تقريب ۾ گڏيل طور تي پنج هزار روپين جي ماليت جا 12 جعلي نوٽ وصول ڪيا ويا، جڏهن ته انهي طريقي جي واردات ذريعي تقريبن 44 هزار روپين جو فراڊ ڪيو ويو.واقعي کان پوءِ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان جعلي نوٽ ڏيندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ قانوني ڪارروائي تي به غور ڪيو پيو وڃي.










