ڪوٽڙي: مسافر وين کي حادثو، ٻار سميت 3 ڄڻا فوت

ڪوٽڙي: مسافر وين کي حادثو، ٻار سميت 3 ڄڻا فوت

ڪوٽڙي: (ن س) ڪوٽڙي ۾ مسافر وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا.ڪوٽڙي ويجهو حيدرآباد موٽر وي تي هڪ تيز رفتار مسافر وين ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڇوڪري ۽ هڪ عورت سميت ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته پنج ماڻهو زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين موجب حادثي جو شڪار ٿيندڙن ۾ وين ڊرائيور، 35 سالن جو عمران علي، 45 سالن جي زرمين قريشي ۽ 5 سالن جي عريشه قريشي شامل آهن. زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ملوث خاندان ٽنڊي آدم کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هي افسوسناڪ حادثو پيش آيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٽريلر کي تحويل ۾ وٺي پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته فرار ٿيل ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو