ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)بلوچستان کان ايران سفر ڪندڙن لاءِ خوشخبري آهي ته ڪوئيٽا کان ايران لاءِ هوائي سروس شروع ٿي وئي آهي.ايران ايئر جي پهرين پرواز 75 مسافرن کي کڻي زاهدان لاءِ رواني ٿي. ايران ايئر جي پرواز هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڪوئيٽا کان هلندي.ايئرپورٽ عملدارن موجب، ڪوئيٽا کان ايران ايئر جي پهرين پرواز جي روانگي جي تقريب ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي منعقد ڪئي وئي.ايراني قونصل جنرل، ايئرپورٽ مئنيجر ۽ چيمبر جي نمائندن تقريب ۾ شرڪت ڪئي.ايران ايئر جي پرواز 75 مسافرن کي کڻي ڪوئيٽا کان زاهدان لاءِ رواني ٿي.ان کان اڳ، ايران ايئر جي پهرين پرواز زاهدان کان ڪوئيٽا پهتي. ايئر لائن موجب، ايران ايئر خميس ڏينهن هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڪوئيٽا کان آپريٽ ڪندو.










