ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا-پشاور جعفر ايڪسپريس کي اڄ لاءِ معطل ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي خدشن جي ڪري ڪوئيٽا-پشاور جعفر ايڪسپريس کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چمن ڏانهن ويندڙ ٽرين وقت تي رواني ٿيندي، ڪراچي کان ايندڙ بولان ميل کي جيڪب آباد کان واپس موڪليو ويندو، جڏهن ته پشاور کان ايندڙ جعفر ايڪسپريس کي به جيڪب آباد ۾ روڪيو ويندو،ياد رهي ته گذريل ڏينهن جعفر ايڪسپريس کي جيڪب آباد ۾ روڪيو ويو هو ۽ مسافرن کي خانگي ٽرانسپورٽ ذريعي ڪوئيٽا پهچايو ويو هو.










