ڪنڌڪوٽ ۾ فائرنگ، ٻن عورتن ۽ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا قتل

ڪنڌڪوٽ ۾ فائرنگ، ٻن عورتن ۽ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا قتل

ڪنڌڪوٽ: (ن س) بخشاپور لڳ گبلو پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلاب بنگوار ۾ ھڪ شخص گھر ۾ انڌا ڌند فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن ۽ ھڪ ٻار سميت چار ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.واقعي بعد قتل ٿي ويلن جا لاش واقعي واري ھنڌ پيل آهن جڏهن ته زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ـ ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته جتوئي بنگوار ھڪ نشائي ۽ موالي آهي جيڪو پنهنجي سئوٽ جي گھر ويو ته ڪنهن معمولي ڳالهه تان ڪلاشنڪوف کڻي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ ڪري گھر ۾ مھمان ٿي آيل رحيم بخش بنگوار ۽ ھڪ 7 ورهين جو نينگر ۽ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا موقعي تي قتل ٿي ويا.واقعي ۾ ھڪ ڄڻو حيوٿ عرف ڏاڏو بنگوار سخت زخمي ٿي پيو آهي، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو آهي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ڪاروائي شروع ڪري ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو