اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ ڳالهين جي عمل جي ڪاميابي جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته سازشون ۽ افواهون آخرڪار ختم ٿي ويون آهن، وزيراعظم شهباز شريف ڳالهين ڪميٽي جي ميمبرن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته امن جي قيام ۽ صورتحال جي معمول تي واپسي خوش آئند آهي. شهباز شريف چيو ته سازشون ۽ افواهون آخرڪار ختم ٿي ويون آهن، سڀئي مسئلا خوش اسلوبي سان حل ٿي ويا آهن، حڪومت ڪشميري ڀائرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هميشه تيار آهي. وزيراعظم چيو آهي ته عوامي مفاد ۽ امن ترجيح آهن، اسان آزاد ڪشمير جي خدمت جاري رکنداسين، اسان ڪشميري ڀائرن کي درخواست ڪريون ٿا ته افواهن تي ڌيان ڏيڻ کان پاسو ڪن، اسان ماضي ۾ به ڪشميري ڀائرن جي حقن جا محافظ هئاسين ۽ مستقبل ۾ به رهنداسين.










