اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته ڪسٽم عملدار پاڻ پيسا وٺي گاڏيون اسمگل ڪندا هئا، بعد ۾ پاڻ ئي پڪڙائيندا آهن،چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ خيبرپختونخواهه ڪسٽم اختيارين پاران اسمگلنگ ٽرڪ قبضي ۾ وٺڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس ڪسٽم جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.چيف جسٽس چيو ته توهان عدالت ۾ دليل ڏئي رهيا آهيو، قانون جي ڳالهه نه ٿا ڪريو، ڪسٽم اختيارين جي ڄاڻ کان سواءِ پشاور بارڊر کان 400 ڪلوميٽر اندر گاڏي پڪڙي وئي، ڪسٽم اهلڪار پهريان پئسا وٺي گاڏيون اسمگل ڪندا آهن ۽ بعد ۾ پڪڙائيندا آهن، چيف جسٽس چيو ته ڪسٽم کاتي خلاف انڪوائري ڇو نه ڪئي وڃي، ٽرڪ 1996ع ۾ ٺاهي وئي ۽ 2016ع ۾ ضبط ڪئي وئي، 22 سالن تائين ڪٿي هلي، اسمگلنگ ڪٿي ٿيندي آهي، هي ٽرڪ ماچس جو دٻو ناهي. ڪسٽم وارا ڪهڙي رستي آيا، اختياريون اڪيلو نه آهن، پشاور وڃو ته ڏسو ڪيئن گاڏيون اسمگل ٿين ٿيون،جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته ڇو نه ڪسٽم ڪليڪٽر .کي گهرائي ان کان پچون ته پاڪستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ڪسٽم عملدارن غير ضروري ڪيس بازي ڪئي، معاملو سپريم ڪورٽ تائين پهتو ۽ پوءِ عدالتن جو وقت ضايع ڪيو، اهڙن غير ضروري ڪيسن سبب عدالتن جو وقت ضايع ٿيو. عدالتن ۾ اصل ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، ڪسٽم اختياريون مستقبل ۾ اهڙا غير ضروري ڪيس داخل ڪرڻ کان پاسو ڪن.ان دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته جڏهن گاڏيون اسمگل ٿينديون آهن ته مڪمل ٽيمپرنگ ڪئي ويندي آهي پر ٽرڪ جي چيسس نمبر کي ٽمپر نه ڪيو ويندو آهي.بعد ۾ عدالت ڪسٽم جي اپيل رد ڪري ڇڏي.










