ڪراچي،مبينا مقابلا، 10 زخمين سميت 13 شڪي گرفتار، هٿيار هٿ

ڪراچي،مبينا مقابلا، 10 زخمين سميت 13 شڪي گرفتار، هٿيار هٿ

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل رات دير سان ٿيندڙ مبينا مقابلي کان پوءِ پوليس 13 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ ڏهه زخمي به شامل آهن.سچل پوليس سعدي ٽائون ويجهو هڪ مقابلي کان پوءِ ٽن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ ٻه زخمي به شامل آهن. گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن جي قبضي مان هٿيار، چوري ٿيل سامان ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. ان دوران اتحاد ٽائون پوليس ٻن طرفن فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ ٻن شڪي ماڻهن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ۽ انهن جي قبضي مان هٿيار ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.خواجه اجمير نگري پوليس سيڪٽر بي-3/5 ۾ هڪ مبينا مقابلي کان پوءِ ٻن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، جن ۾ هڪ زخمي به شامل آهي. شڪي ماڻهن جي قبضي مان هٿيار، موبائل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. لياري ۾ مرزا آدم خان روڊ ويجهو هڪ مبينا مقابلي کان پوءِ ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ هڪ زخمي به شامل آهي ۽ انهن جي قبضي مان هٿيار، موبائل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.گارڊن پوليس ڌوبي گھاٽ ويجهو هڪ مبينا فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ ٽن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ ٻه زخمي به شامل آهن. گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن جي قبضي مان هٿيار، چوري ٿيل سامان ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. خواجه اجمير نگري پوليس سيڪٽر 5A/3 ويجهو فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ۽ هٿيار هٿ ڪيا. شڪي جو ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويو.قائد آباد پوليس بسم الله ڪالوني ويجهو فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته شڪي جو ساٿي فائرنگ ڪندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. گرفتار شڪي جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا.سڀني گرفتار شڪي ماڻهن خلاف مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو