ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي بلديا ٽائون علائقي ۾ شادي جي تقريب دوران فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ست زخمي ٿي پيا.ذريعن موجب لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته تقريب ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ شخص فرار ٿي ويو آهي. فائرنگ جي واقعي کان پوءِ ڪاوڙيل ماڻهن جوابدار جي ڪار کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي.ان دوران، پوليس گلشن اقبال ۾ هڪ خانگي ڪوريئر ڪمپني جي آفيس ۾ ڦر جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. مقابلي کان پوءِ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ٻه ٻيا فرار ٿي ويا.پاڪ ڪالوني ۾ اسنيپ چيڪ دوران، پوليس هڪ منشيات فروش کي گرفتار ڪيو. جوابدار کان برف هٿ ڪئي وئي.ذريعن موجب، جوابدار خلاف منشيات، هٿيار ۽ پوليس مقابلي جا 10 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.










