ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ مشتعل ماڻهن جي مبينا تشدد ۾ هڪ لٽيرو مارجي ويو.پوليس موجب ڪورنگي نمبر 1.5 مٽڪا ولي پاليا جي ويجهو ٻه لٽيرا شهري کي ڦرڻ کان پوءِ ڀڄي رهيا هئا ته ماڻهن هڪ لٽيري کي پڪڙي ورتو ۽ ان تي تشدد ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته ماڻهن جي مبينا تشدد ۾ هڪ لٽيرو مارجي ويو جڏهن ته ٻيو لٽيرو فرار ٿي ويو.ٻئي طرف، قائد آباد ۾ هڪ ايل پي جي دڪان تي ڦر دوران، لٽيرا 4 موبائل فون ۽ پئسا ڦري فرار ٿي ويا.










