ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي اورنگي ٽائون علائقي ۾ هڪ ڌاڙيل کي جيئرو ساڙڻ تي نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس حڪومت جي شڪايت تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ قتل جي قلم لاڳو ڪئي وئي آهي، ۽ ڪيس ۾ 30 کان 35 نامعلوم ماڻهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل شهري کي ڦرلٽ جي مزاحمت ڪرڻ تي قتل ڪيو هو، ۽ ڌاڙيل جي سڃاڻپ ساجد جي نالي سان ٿي آهي.










