ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ گهٽتائي، ڪوهيڙو ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ گهٽتائي، ڪوهيڙو ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب، ايندڙ 3 ڏينهن تائين شهر جو موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌو رهندو، جڏهن ته صبح جو ڪوهيڙو به پوڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي چيو ته خميس ڏينهن شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 11 کان 13 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ جمعي تي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 12 کان 14 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.هن دوران، شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 25 کان 27 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، اتر اوڀر کان خشڪ ۽ ٿڌيون هوائون هلي سگهن ٿيون، جڏهن ته منجهند کان پوءِ ڏکڻ اولهه کان سامونڊي هوائون هلڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو