ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي، 30 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو سون چوري

ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي، 30 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو سون چوري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ تاريخ جي سڀني کان وڏي چوري جي ڪارروائي سامهون اچي وئي، سون جي دڪان جي ڀت ڀڃي 30 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو سون چوري ڪيو ويو.اورنگي ٽائون اقبال مارڪيٽ ۾ وڏي چوري جي ڪارروائي دوران اڻڄاتل چور سون جي دڪان جي ڀت ڀڃي 30 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ماليت جو 606 تولا سون ۽ 25 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جا هيرا کڻي فرار ٿي ويا.چوري جي ڪارروائي جو ڪيس متاثر سوناري جي مدعيت ۾ اڻڄاتل چورن جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي. سون جي دڪان ۾ چوري جي ڪارروائي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي ويا آهن. چوري جي ڪارروائي ڊسٽرڪٽ ويسٽ جي اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي علائقي اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا 11 مين روڊ اقبال مارڪيٽ ۾ واقع مشهور سون جي دڪان تي ڪئي وئي. متاثر سوناري ايوب خان چوري جو ڪيس الزام نمبر 41/26 اقبال مارڪيٽ ٿاڻي ۾ داخل ڪرايو.سوناري ايوب خان پوليس کي ٻڌايو ته 12 فيبروري خميس جي رات دوڪان جي ڪاريگرن معمول موجب دڪان بند ڪئي هئي. 14 فيبروري ڇنڇر جي صبح ڪاريگرن دوڪان کولي ته سون جي زيورن جا باڪس خالي هئا. ڪاريگرن چوري جي واردات جي اطلاع فون ذريعي ڏني جنهن تي مان پنهنجي گهر کان فوري طور تي دوڪان تي پهتس. دڪان جي ميٽ گيٽ جي شٽر کان اندر وڃي ڏٺو ته دڪان جي پٺئين حصي جي ڀت ڀڳل هئي دڪان جي اندر جيولري جو سامان چيڪ ڪيو ته ڪافي باڪس خالي مليا. دڪان جي پٺيان وڃي ڏٺو ته دڪان جي ڀت ڀڳل هئي اسان جو ذاتي سون سان ٺهيل سامان 7 هزار 64 گرام غائب هو. ڪجهه هيرا ۽ ٻيو سامان به غائب هو جنهن جي ماليت 25 لک روپيه بڻجي ٿي. چوري ڪيل سامان ۾ ڪسٽمرز جو به سامان هو پوليس طرفان ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ وڏي چوري جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ايس ايس پي ويسٽ کان واقعي جي فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ضياءُالحسن لنجار چيو ته چوري جي ڪارروائي ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور تي گرفتار ڪري چوري ڪيل مال هٿ ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙيو وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو