ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ گل پلازا ۾ باهه لڳڻ سان مسجد کي ڪو به نقصان نه پهتو ۽ قرآن پاڪ به محفوظ مليو.ريسڪيو عملدارن موجب، گل پلازا جي پهرين منزل تي مسجد کي صاف ڪيو ويو آهي، ۽ پهرين منزل تي مسجد ۾ ڪو به ماڻهو نه مليو.ريسڪيو ذريعن موجب، گل پلازا ۾ فائر فائٽنگ، سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن جاري آهن.ياد رهي ته ڇنڇر ۽ آچر جي رات شهر قائد ۾ ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا مارڪيٽ ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 26 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 71 اڃا تائين گم آهن ۽ 18 ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.










