حيدر آباد (بيورو رپورٽ)ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ هن وقت مختلف شڪلين وارن سنگين خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي. نسل پرست ۽ لساني بنيادن تي ٻڌل ٽولا سنڌ جي وحدت خلاف سرگرم آهن، جڏهن ته سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن ۾ نه رڳو ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ نسل پرست قوتون پر عالمي قوتون به شامل آهن.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا مطالبا ڪندڙ ماڻهو ملڪ جا سڄڻ ناهن، پر سنڌ ۽ ملڪ جا دشمن آهن. سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سنڌ جي عوام کي متحد ٿيڻو پوندو. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جا ست ڪروڙ باشعور انسان پنهنجي سياسي جدوجهد سان انهن سازشن جو مقابلو ڪندا. 14 فيبروري تي يومِ مادرِ وطن جي موقعي تي ٿيندڙ عوامي جلسو سنڌ دشمن قوتن کي اهو واضح پيغام ڏيندو ته سنڌ جي خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪئي ويندي.هن اها ڳالهه يومِ مادرِ وطن جي تيارين جي سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع حيدرآباد جي ضلعي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي.اجلاس کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن قادر چنا، امتياز سمون، جان محمد جوڻيجو، حسن جوڻيجو گوبند مالهي، مراد ابڙو سيد دلدار شاهه حسن سپيو سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.










