ڪراچي کي ترقي يافته شهر بڻائڻ چاهيون ٿا، شرجيل

ڪراچي کي ترقي يافته شهر بڻائڻ چاهيون ٿا، شرجيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته شهر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، ۽ ڪراچي جي روڊن ۽ ٽرئفڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ 194 ارب رپيا سيڙپڪاري ڪئي آهي.شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهي ڪراچي جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، ڪراچي جي ترقي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سنڌ حڪومت ڪراچي جي انفراسٽرڪچر، تعليم، صحت ۽ ٻين اهم شعبن تي ڪم ڪري رهي آهي.شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته اهي چاهين ٿا ته ڪراچي کي هڪ جديد، پائيدار ۽ جامع شهر بڻايو وڃي، ۽ ٽرئفڪ سسٽم کي بهتر بڻائڻ لاءِ شاهراهه ڀٽو، ملير ندي پل ۽ مختلف انڊر پاسن تي ڪم جاري آهي. شاهراهه ڀٽو، ملير ندي پل، انڊر پاس ۽ فلائي اوور جا منصوبا ٽرئفڪ جو دٻاءُ گهٽائيندا.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ اهم منصوبن تي ڪم مارچ تائين شروع ٿي ويندو، ۽ ڪم دوران معيار ۽ وقت جي پابندي کي يقيني بڻايو ويندو.شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ 9 ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتالن کي وڌايو ويندو ۽ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيا ويندا.هن اهو به چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي جا شهري هر شعبي ۾ ترقي ۽ تبديلي محسوس ڪن. هر منصوبو ڪراچي وارن جي زندگين ۾ بهتري، سهولت ۽ خوشحالي آڻڻ لاءِ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو