ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي ۾ ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.رينجرز ترجمان موجب، جوابدارن جو تعلق هڪ گروهه سان آهي جيڪو ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهي.گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ٽي موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار عادتي ڏوهاري آهن ۽ انهن خلاف ڪيتريون ئي ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن.










