ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)چمن جي هڪ 18 سالن جي نوجوان کي ريبيز جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي جي انڊس اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو.اهو انڊس اسپتال جي ريبيز ڪلينڪ جي انچارج ڊاڪٽر آفتاب گوهر پاران چيو ويو، جنهن موجب متاثر نوجوان کي تقريباً 6 هفتا اڳ هڪ ڪتي کائي ڇڏيو هو.هن چيو ته نوجوان کي مقامي ڊاڪٽر پاران غير تصديق ٿيل انجيڪشن ڏني وئي هئي ۽ ان کي ريبيز جي مڪمل ويڪسين نه ڏني وئي هئي، ۽ نه ئي زخم صاف ڪيو ويو هو.










