ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)رينجرز ۽ اسپيشل سروسز يونٽ ڪراچي جي نارٿ ڪراچي واري علائقي ۾ ڀتا خورن خلاف گڏيل ڪارروائي ۾ 3 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو.رينجرز اختيارين موجب، آپريشن دوران فائرنگ جي تبادلي ۾ 2 زخمي ٿيندڙن سميت 3 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن کان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن ۽ سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.گرفتار ٿيل شڪي ماڻهو ڀتا خوري سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن.










