ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اسٽيل مل چورنگي ويجهو تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو.ذريعن موجب، روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. بدقسمت نوجوان جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.حادثي کان پوءِ، ڊرائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿي ويو. پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي پوليس اسٽيشن منتقل ڪري ڇڏيو. فرار ٿيل ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي.










