ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو.پوليس موجب، واقعو ڪراچي ۾ ڪلفٽن شان سرڪل جي ويجهو پيش آيو، جتي ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو.پوليس چيو ته ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ٻيو شخص زخمي ٿيو.پوليس وڌيڪ چيو ته ٽرالر جي ڊرائيور خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڳري گاڏي کي به قبضي ۾ ورتو ويو آهي.ٻئي طرف، ڪراچي ۾ دائود چورنگي ويجهو تيز رفتاري سان ٽريفڪ اهلڪار سان جهيڙو ڪندڙ ڪار ڊرائيور کي سندس ساٿي سميت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته گاڏي کي به قبضي ۾ ورتو ويو.










