ڪراچي: يارهين درجي جي نتيجن جو اعلان

ڪراچي: يارهين درجي جي نتيجن جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽرميڊيئيٽ پارٽ ون سائنس جنرل گروپ جي سالياني امتحانن 2025 جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي.نتيجن جو اعلان اعليٰ ثانوي تعليم بورڊ ڪراچي جي چيئرمين فقير محمد لاکو انٽربورڊ ڪراچي جي ڪميٽي روم ۾ منعقد هڪ تقريب دوران ڪيو. ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز ۽ بورڊز ڊپارٽمينٽ جو اسپيشل سيڪريٽري سهيل انور بلوچ پڻ موجود هو.نتيجن جي تفصيل جو جائزو وٺندي، امتحانن جي ڊائريڪٽر زرينا راشد چيو ته سائنس جنرل گروپ جي امتحانن لاءِ 19,212 اميدوارن رجسٽريشن ڪرائي، جن مان 18,813 اميدوارن امتحانن ۾ حصو ورتو. سڀني 6 پيپرن ۾ 9,678 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا، 3 پيپرن ۾ 3,542 اميدوار، 4 پيپرن ۾ 2,353 شاگرد، 3 پيپرن ۾ 1,405 ٻار، 2 پيپرن ۾ 860، جڏهن ته 1 پيپر ۾ 580 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا. چيئرمين فقير محمد لاکو چيو ته انٽربورڊ ڪراچي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سائنس جنرل گروپ ۾ رياضي جو پيپر اي-مارڪنگ تحت ورتو ويو. رياضي جي پيپر جو جائزو جديد روبرڪ سسٽم مطابق اي-مارڪنگ ذريعي ڪيو ويو، جنهن شفافيت، درستگي ۽ معيار کي يقيني بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته انٽربورڊ ڪراچي امتحاني نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ مسلسل قدم کڻي رهيو آهي. ايندڙ 2026 جي سالياني امتحانن ۾، وڌيڪ انٽرميڊيئيٽ پيپر اي-مارڪنگ تحت جانچيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو