ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ هڪ واٽهڙو نامعلوم گاڏي هيٺان چيڀاٽجڻ سبب فوت ٿي ويو.حادثو بلديا يوسف گوٺ ڪٽ جي ويجهو پيش آيو. اطلاع تي امدادي ٽيمون ۽ پوليس اهلڪار به موقعي تي پهچي ويا. فوت ٿيل واٽهڙو جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل پيادل جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ڪار جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.










