ڪراچي: معمولي ڳالهه تان سيڪيورٽي گارڊ هٿان شهري قتل

ڪراچي: معمولي ڳالهه تان سيڪيورٽي گارڊ هٿان شهري قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نارٿ ناظم آباد بلاڪ سي ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو.مقتول جي سڃاڻپ وليد جي نالي سان ٿي آهي. واقعو سخت تڪرار کانپوءِ پيش آيو. پوليس سيڪيورٽي گارڊ کي واقعي واري هنڌ تان گرفتار ڪري ورتو. جوابدار سيڪيورٽي گارڊ آڪتون سيڪيورٽي ڪمپني جو ملازم آهي.پوليس عملدارن وڌيڪ چيو ته جوابدار گارڊ ويجهي بنگلي ۾ مقرر هو. مقتول جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو