ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو هڪ ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ باهه لڳي وئي.جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو هڪ ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ اوچتو باهه لڳي وئي. ذريعن موجب باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، پر گاڏي ۾ موجود ماڻهن کي محفوظ طور تي ٻاهر ڪڍيو ويو.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي هئي. گاڏي ۾ موجود پوليس اهلڪارن پاڻ باهه تي ضابطو آندو. ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.










