ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ، 8 ڄڻا زخمي

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ، 8 ڄڻا زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)نئين سال جي شروعات تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ماڻهو زخمي ٿيا.پوليس موجب، چنيسر ڳوٺ ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ شخص زخمي ٿيو جڏهن نامعلوم طرف کان گولي آئي.ريسڪيو اختيارين موجب، ڪورنگي، گوليمار، فائيو اسٽار، نيو سبزي منڊي ۾ فائرنگ ۾ 5 ماڻهو زخمي ٿيا.مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ۾ ملوث 10 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته گلشن معمار ۾ هوائي فائرنگ جي الزام ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ڪورنگي زمان ٽائون ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ 3 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو