ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت پاران سحر شاھه کي پوليس پروٽيڪشن فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت سحر شاھه کي پوليس پروٽيڪشن فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،آرٽسٽ سحر شاهه ڌمڪيون ملڻ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، عدالت سحر شاھه کي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ايف آءِ اي سان رابطو ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي،سحر شاهه رضوي جو چوڻ هو ته عدالت ايف آءِ اي سان رابطو ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي، ڌمڪين بابت عدالت ۾ درخواست ڏني هئي،عدالت ايس پي ڪمپلين سيل ڏکڻ ۽ آرٽيلري ميدان جي ايس ايڇ او کي درخواست گذار جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، عدالت لاڳاپيل ايس ايڇ او کي ڪيس داخل ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي










