ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي جي آبادي ۾ 20 کان 25 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، حڪومت وڌندڙ آبادي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، جيڪڏهن گوادر سميت ٻيا بندرگاهه ٺاهيا وڃن ها ته آبادي جو دٻاءُ صرف هڪ شهر تي نه اچي ها. پاڪستان پاپوليشن سمٽ کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي وڌندڙ آبادي جي سڀ کان وڌيڪ مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، وڌندڙ آبادي ميونسپل، صحت ۽ تعليم جي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، حڪومت کي ڪراچي لاءِ متبادل شهر ٺاهڻ گهرجي، ڪراچي ۾ بي قابو ترقي نظر اچي رهي آهي.مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ ميونسپل انفراسٽرڪچر بهتر ٿيو آهي، پاڻي جي فراهمي تي ڪم ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي موسمياتي لچڪدار گهر ٺاهي رهي آهي.هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو جن جي سڃاڻپ ناهي اهي ڪراچي ۾ رهن ٿا، ماڻهن کي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ ايڪشن پلان ٺاهڻو پوندو، ڳالهيون ڪرڻ بدران هاڻي اسان کي ڪم ڪرڻو پوندو.










