ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني ۾ هڪ دڪان مان 10 لک رپيا چوري ڪيا ويا.شاهه فيصل ڪالوني ۾ 4 جوابدار هڪ دڪان جا تالا ڪٽي 10 لک رپيا ۽ ٻيو سامان کڻي ويا.متاثر دڪاندار جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ جي باوجود جاچ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي.ٻئي طرف، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته هو شڪي ماڻهن جو روٽ ميپ تيار ڪرڻ ۽ سي سي ٽي وي جي مدد سان ڳولا ۾ مصروف آهي.










