ڪراچي: ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ موسم ڪيئن رهندي؟

ڪراچي: ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ موسم ڪيئن رهندي؟

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران صبح جو آسمان صاف ۽ هلڪي ڪوهيڙي جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14 کان 16 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 29 کان 31 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.گذريل رات شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 15.2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اتر اوڀر کان 4 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، جنهن ۾ نمي جو تناسب 72 سيڪڙو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو