ڪالا شاهه ڪاڪو ۾ٽرين جون بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، مسافر زخمي

ڪالا شاهه ڪاڪو ۾ٽرين جون بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، مسافر زخمي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ ڪالا شاهه ڪاڪو جي ويجهو اسلام آباد ايڪسپريس جون ڇهه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.ريسڪيو عملدارن چيو ته بوگيون پٽڙي تان لهڻ سبب 29 مسافر معمولي زخمي ٿيا آهن.ريسڪيو عملدارن موجب، 22 مسافرن کي ابتدائي طبي امداد ڏني وئي جڏهن ته 7 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ريلوي ترجمان چيو ته سڀني مسافرن کي ٽرين مان ڪڍي بسن ۾ انهن جي منزل ڏانهن موڪليو ويو. ريلوي کاتي پاران مسافرن کي کاڌو پڻ فراهم ڪيو ويو.ترجمان موجب، لاهور کان هڪ امدادي ٽرين ۽ هڪ ميڊيڪل وين حادثي واري هنڌ تي آهي ۽ ڪرين جي مدد سان ريلوي ٽريڪ کي صاف ڪيو پيو وڃي.ترجمان چيو ته راولپنڊي ۽ لاهور لاءِ ٽرينن جو روٽ عارضي طور تي تبديل ڪيو ويو آهي. جيستائين ٽريڪ صاف نه ٿيندو، ٽرينون وزير آباد، سانگلا هِل، حافظ آباد، شاهدره ذريعي لاهور پهچنديون.ان دوران وزيراعظم شهباز شريف ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ريسڪيو ٽيمن کي فوري طور تي امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم زخمين کي ترجيحي بنيادن تي فوري طبي امداد ڏيڻ جو به حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو