ڪار جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت، 3 ڄڻا سخت زخمي

ڪار جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت، 3 ڄڻا سخت زخمي

حيدرآباد (ن س) حيدرآباد ۾ ھڪ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آھي، تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ 75 ورھين جو واٽھڙو پيرسن فوت تي ويو جڏھن ته ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آھن.ٿڌي سڙڪ تي راڻي باغ ڀرسان ڪار جو موٽرسائڪل ۽ واٽھڙو جي ٽڪر، جي نتيجي ۾ 75 ورھين جو پيرسن محمد حليم ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته موٽر سائيڪل تي سوار ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن، زخمين جي سڃاڻپ شفيق، ناصر ۽ اختر طور ٿي آھي، جن مان ھڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.اطلاع تي ايڌي ايمبولينس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ، جتي زخمين کي طبي امداد فراھم ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو