اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل کنڊ جي بحران جو هڪ منفرد منطق پيش ڪندي چيو آهي ته کنڊ جي بحران جو سبب ڪو اسڪينڊل نه پر موسمياتي تبديلي آهي.ڳالهائيندي رانا احسان افضل چيو ته ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت 173 کان 185 رپيا في ڪلوگرام جي وچ ۾ آهي ۽ ٿوڪ وڪرو ڪندڙن تي ڪريڪ ڊائون سبب کنڊ جي قيمت گهٽجي وئي آهي.هن چيو ته کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا في ڪلوگرام آهي، قيمتن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته منافع خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر چيو ته ڪمند جو فصل موسمياتي تبديلي جي ڪري گهٽجي ويو آهي، کنڊ اسڪينڊل نه، جنهن جي ڪري کنڊ ۾ گهٽتائي آئي آهي.پي ٽي آءِ جي احتجاج بابت ڳالهائيندي رانا احسان افضل چيو ته جيڪڏهن ڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ان کي گرفتار ڪيو ويندو، حڪومت مڪمل طور تي تيار آهي، ڪنهن کي به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه هوندي، روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪرڻ پرامن احتجاج ناهي.










