ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته مين هول جا ڍڪ روزانو لڳايا ويندا آهن پر چوري ٿي ويندا آهن.ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ مين هول جي ڍڪن جي کوٽ ناهي، ڪنهن به واقعي جي صورت ۾ عملي وٽ مشينري هجڻ گهرجي، ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته مين هول جي ڍڪن بابت معلومات فراهم ڪن.مرتضيٰ وهاب چيو ته هن ابراهيم جي خاندان سان افسوس ۽ پشيماني جو اظهار ڪيو، الزام لڳائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن.










