ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڊي پورٽ ٿيندڙن لاءِ ايڇ آءِ وي، ٽي بي ۽ هيپاٽائيٽس جي اسڪريننگ کي لازمي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت ايئرپورٽ تي ريپڊ ٽيسٽنگ ڪٽس، ايڪس ري سهولتون ۽ تربيت يافته عملي کي مقرر ڪيو آهي.سنڌ جي صحت کاتي موجب، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي روزانو 150 کان 200 ماڻهن کي ڊيپورٽ ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڊي پورٽ ٿيندڙن جي باقاعده طبي اسڪريننگ نه ٿيڻ سبب بيماريون پکڙجڻ جو خطرو آهي.










