راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري مظفر آباد جو دورو ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سول سوسائٽي سان هڪ خاص ملاقات ڪئي.شرڪت ڪندڙن ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي وچ ۾ هڪ جامع سوال ۽ جواب جو سيشن پڻ منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي حاضرين چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ رهيو آهي ۽ هميشه رهندو، ۽ دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان ۽ ڪشمير کي الڳ نٿي ڪري سگهي. ڪشميري ماڻهن ڊي جي آءِ ايس پي آر کي ڪشميري ثقافتي لباس پيش ڪيو.آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو.










