ڊاڪٽر محمد طفيل ڪراچي يونيورسٽي جو وي سي مقرر

ڊاڪٽر محمد طفيل ڪراچي يونيورسٽي جو وي سي مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر محمد طفيل کي ڪراچي يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي عهدي جو اضافي چارج ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، هو 28 جولاءِ کان پنهنجون اهي نيون ذميواريون سنڀاليندو،ڪراچي يونيورسٽي جي موجوده وائس چانسلر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي جي 4 سالن جي مدت 28 جولاءِ تي پوري ٿي رهي آهي. ڊاڪٽر عراقي ان مدت کان اڳ 3 سال ڪراچي يونيورسٽي جي قائم مقام وائس چانسلر طور پڻ ذميواريون نڀايون هيون، هو مجموعي طور تي 7 سالن تائين ڪراچي يونيورسٽي جو وائس چانسلر رهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو