اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي اسحاق ڊار، وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ ڪابينا سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.سپريم ڪورٽ عدالتي معاونت لاءِ اٽارني جنرل کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڌرين کي 12 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ اهو فيصلو ناهي ڪيو. مون شايد ان کي ميڊيا ۾ ڏٺو.درخواستگذار جي وڪيل جواب ڏنو ته جيڪڏهن فيصلو هجي ها ته عدالت جو اختيار آهي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته مان چئي رهيو آهيان ته فيصلو ٿي ويو آهي، چيڪ ڪريو، ڇا توهان کي انگريزي سمجهه ۾ اچي ٿي؟ ٻئي درخواستگذار جي وڪيل رياض حنيف راهي صاحب کي فون ڪيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق شير افضل مروت جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جا ڪهڙا دليل آهن؟شير افضل مروت جي وڪيل جواب ڏنو ته 4 گرائونڊ آهن، ايگزيڪيوٽو آرڊر جي گنجائش ناهي، ٻه الزام نه ٿا لڳائي سگهجن، وزيراعظم اليڪشن ذريعي ٿيندو آهي، ڊپٽي وزيراعظم ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي ايندو آهي، هن عدالت جا ٻن تي عهدن بابت حڪم واضح آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 12 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو.










