ڊار سان مختلف وزيرن جي ملاقات، عالمي صورتحال تي ڳالهيون

ڊار سان مختلف وزيرن جي ملاقات، عالمي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪروشيا جي پرڏيهي وزير گورڊن ريڊمين سان چوٿين يورپي يونين انڊوپيسفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي ملاقات ڪئي، ڇنڇر تي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب ملاقات جي دوران انهن علائقائي ۽ عالمي صورتحال، سياسي ۽ اقتصادي تعاون کي اڳيان وڌائڻ سميت ٻطرفي ۽ ڪثيرالجهتي فورمز تي پاڪ، ڪروشين مصروفيت کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪروشين پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني. انهي کان علاوه نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين اينڊوپيسيفڪ وزارتي فورم جي موقعي تي مالديپ جي پرڏيهي وزير عبدالله خليل سان به ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت موجب ٻنهي وزيرن واپار، رابطي ۽ موسمياتي ريزيلينس ۾ ٻطرفي تعاون جي ڀائيواري کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن گڏيل ترجيحات کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ ڪثيرالجهتي پليٽ فارمز جي ذريعي باقاعده رابطي ۾ رهڻ جي اهميت تي به زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو