اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اسلام آباد جي نيشنل پارڪ ۾ مونال سميت سمورا ريسٽورنٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ مارگلا نيشنل پارڪ ۾ واقع ريسٽورنٽ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته نيشنل پارڪ ۾ قائم ريسٽورنٽ کي 3 مهينن ۾ مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي.سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن نيشنل پارڪ کان ٻاهر ڪٿي به ليز گهربل هجي ته ترجيح متاثر ريسٽورنٽ کي ڏني وڃي.سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حڪم نامي ۾ چيو آهي ته نيشنل پارڪ ۾ ڪمرشل سرگرمين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. مونال ريسٽورنٽ کي 3 مهينن ۾ رضاڪارانه طور تي ريسٽورنٽ منتقل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.سپريم ڪورٽ نيشنل پارڪ ايريا ۾ موجود ٻين سمورن ريسٽورنٽس کي 3 مهينن اندر منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته توهان ٻڌايو ته توهان ڪيتري وقت تائين ريسٽورنٽ منتقل ڪري سگهو ٿا؟ جيڪڏهن توهان رضاڪارانه طور تي منتقلي نه ڪندا، اسان هڪ سيل ڪرڻ جو حڪم ڪنداسين.مونال ريسٽورنٽ جي وڪيل چيو ته اسان کي 4 مهينن جو وقت ڏنو وڃي.چيف جسٽس مونل ريسٽورنٽ جي وڪيل کي هدايت ڪندي چيو ته اسان توهان کي 3 مهينن جو وقت ڏئي رهيا آهيون، اسان جو مقصد نيشنل پارڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي، نيشنل پارڪ کان ٻاهر قائم سمورن ريسٽورنٽن کي جاري ڪيل غيرضروري نوٽيس ختم ڪيا وڃن اسان جو ڪيس صرف نيشنل پارڪ جي حد تائين آهي.مارگلا نيشنل پارڪ ۾ واقع ريسٽورنٽ جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ڇا سي ڊي اي وارن پاڻ مارگلا هيلز کي باهه ڏني؟.عدالت سي ڊي اي جي رپورٽ رد ڪندي چيئرمين سي ڊي اي کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته ڇا سي ڊي اي جي اعليٰ آفيسرن کي انگريزي جا ڪلاس وٺڻا پوندا؟ مونال ۽ ٻين ريسٽورنٽ جا تفصيل سي ڊي اي کان گهريا هئا؟سي ڊي اي جي وڪيل چيو ته اسان مارگلا نيشنل پارڪ ۾ سمورن اڏاوتن جي تفصيلن بابت رپورٽ ڏني آهي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسپورٽس ڪلب پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر به سي ڊي اي جي رپورٽ ۾ شامل آهي، سي ڊي اي آرٽس ڪائونسل نيشنل مونومينٽ جو نالو به شامل ڪيو آهي، ڇا اها سي ڊي اي جي ايمانداري آهي؟ ڇا سپريم ڪورٽ جي عمارت به نيشنل پارڪ ۾ اچي ٿي؟سي ڊي اي جي وڪيل چيو ته ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ نقشو ڏسڻو پوندو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته دنيا کي خبر آهي ته مونال وٽ وڌيڪ ڪيترا ريسٽورنٽ آهن، سي ڊي اي کي خبر ناهي، ڇا نيشنل پارڪ ۾ سي ڊي اي جي پنهنجي آفيس آهي؟ مارگلا هيلز تي ڪيترا ڀيرا باهه لڳي آهي؟سي ڊي اي چيئرمين چيو ته مارگلا هيلز تي هلندڙ سيزن ۾ باهه جا 21 واقعا ٿي چڪا آهن.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مارگلا هيل تي گذريل رات دير تائين باهه لڳي هئي،چيئرمين سي ڊي اي چيو ته ڪجهه ڪارا رڍون به موجود آهن، مارگلا هيلز تي چوماسي جي موسم ۾ نوان وڻ پوکينداسين.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته باهه وسائڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر ڪٿان اچن ٿا؟چيئرمين سي ڊي اي چيو ته وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ باهه وسائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي کان هيلي ڪاپٽر گهرايا ويا.سپريم ڪورٽ مارگلا ۾ ريسٽورنٽ جي چوڌاري ٺهيل ٻين ريسٽورنٽ جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي ۾ مختصر وقفو ڪيو ويو،










